خادم حسين انڙ

خادم حسين انڙ

خادم حسين انڙ

خادم حسين انڙ (رانديگر): پاڪستان سطح جو مشهور والي بال رانديگر خادم حسين انڙ ولد حاجي فاروق علي انڙ، پهرين جولاءِ 1937ع تي ڳوٺ انڙپور، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان 1953ع ڪيائين. پڙهائيءَ دوران اسڪول ۾ سڀئي رانديون کيڏيو ۽ 1949ع ڌاري والي بال طرف راغب ٿيو. اسڪول دوران بهترين رانديگر سمجهيو ويندو هو. ان وچ ۾ هن 1966ع ۾ ايل. ايل. بي به ڪري ورتي، جڏهن سنڌ اندر والي بال راند واليءَ (ڌڪن) واري دؤر ۾ قدم رکيو، تڏهن نيٽ ڪڍڻ وارن جي سخت ضرورت محسوس ٿي ۽ هن بهترين ’نيٽ پليئر‘ طور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪافي مئچن ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. ابتدا ۾ وچ نيٽ تي بيهي کيڏندو هو، پر پوءِ پاسي تي بيهي کيڏڻ وارو ’خاص رانديگر‘ ثابت ٿيو، پاسي تي بيهي نيٽ ڪڍڻ وارو سنڌ جو هي پهريون رانديگر هو، جنهن سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو.
هن 1952ع ڌاري آرائين ڳوٺ، تعلقي دادوءَ جي ٽورنامينٽ ۾ بهترين رانديگر جو انعام حاصل ڪيو، جيڪو سندس شاگرديءَ واري دؤر جو پهريون وڏو اوارڊ ۽ انعام هو.
خادم حسين انڙ 1956ع کان ’قربان والي بال ڪلب دادوءَ‘ جو ميمبر رهيو. هن ايل. ايل. بي ڪرڻ کان اڳ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪئي. ان دوران ڪراچيءَ جي رانديگرن سان والي بال کيڏيائين ۽ وچ نيٽ تي بيهي کيڏندو هو ۽ هڪ ’آل سنڌ ٽورنامينٽ‘ ۾ بهترين راند ڪرڻ تي ’خادم ٽائيگر‘ جو لقب حاصل ڪيائين. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪراچي ڇڏي 1969ع ۾ سندس والد جي وفات کان پوءِ حيدرآباد نامياري وڪيل سيد قمر الزمان شاهه جي جونيئر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ پاڻ عليحده پنهنجي فرم کولي وڪالت ڪيائين ۽ فوجداري ڪيسن جي بهترين وڪيل طور مشهور ٿيو. خادم حسين انڙ جي سنڌي توڙي انگريزي صورتخطي بهترين هئي ۽ خاص ڪري کيس انگريزيءَ تي عبور حاصل هو.
خادم حسين انڙ 2 جنوري 2003ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي مراد شاهه قبرستان ۾ دفن آهي کيس ڇهن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سندس ٽن پٽن کي پڻ والي بال راند سان دلچسپي آهي جن مان زاهد حسين انڙ ۽ ناظم حسين انڙ ملڪي سطح تي والي بال جا بهترين رانديگر رهيا آهن.


لفظ خادم حسين انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.07.01  عيسوي

پاڪستان سطح جو مشهور والي بال رانديگر خادم حسين انڙ ولد حاجي فاروق علي انڙ، پهرين جولاءِ 1937ع تي ڳوٺ انڙپور، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.


2003.01.02  عيسوي

خادم حسين انڙ 2 جنوري 2003ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي مراد شاهه قبرستان ۾ دفن آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تميم بن العتبي
سيون هيڊن
رحمان قلي چرڪس
حميد عظيم آبادي
ڄام صلاح الدين سمو
ادريس جتوئي
ديبلي ابو موسيٰ
حال الله ڪلهوڙو اول
شجاع ٺٽوي
حڪيم محمد امين سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون